شازيه سڪندر

شازيه سڪندر

شازيه سڪندر

شازيه سڪندر: شازيه سڪندر مشهور آرٽسٽ آهي، جنهن چترڪاريءَ ذريعي پاڻ مڃايو آهي. هن 1969ع ڌاري لاهور ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مقامي اسڪول مان ورتي، جڏهن ته نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان آرٽس ۾ گريجوئيشن ڪيائين. ان بعد هن باضابطه طور فن جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ ڪيترن ئي قسمن جا فن پارا ٺاهيائين، جن جي نمائش ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪرائي چڪي آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو سنڌ (ڪراچيءَ) ۾ گذاريو آهي ۽ اتي ئي پنهنجي گهڻن فن پارن جي نمائش ڪرائي اٿس. سندس فن پارن جي نمائش دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ٿي آهي. 1993ع ۾ سندس فن پارن جي پهرين نمائش واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿي. جڏهن ته 1996ع ۾ هيوسٽن ۾، 1997ع ۾ نيويارڪ ۾، 1998ع ۾ شڪاگو ۾، 1999ع ۾ واشنگٽن ۾، 2000ع ۾ نيويارڪ ۾، 2001ع ۾ سين اينٽينو ۾، 2003ع ۾ سين فرانسڪو ۾، 2004ع ۾ ميامي ۾، 2005ع ۾ نيويارڪ ۾، 2006ع ۾ روم ۾، اٽلي، 2007ع ۾ سڊنيءَ ۾، 2008ع ۾ برمنگهم ۾، ۽ 2009ع ۾ نيويارڪ ۾ سندس پينٽنگس جون ڪيتريون ئي نمائشون ٿيون آهن، جتي کيس وڏي پذيرائي ملي آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي مصوري ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن اسڪول واري زماني کان ئي ان جي شروعات ڪئي. هن اسڪول ۾ تصويرن ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪيترا ڪورس پڻ ڪيا، جن کيس سٺو مصور بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هن نيويارڪ سميت مختلف ملڪن مان آرٽ جا ڪورس ڪيا. هن سندس ڪيتريون پينٽ ڪيل تصويرون عورتن جي زندگيءَ تي ٺهيل آهن، جيڪي هن سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ تڪليفن جي عڪاسي ڪن ٿيون. عورتن جي مسئلن تي گهڻن ئي مصورن، مصوري ڪئي آهي، پر شازيه رنگن ذريعي جيڪي ڪهاڻيون پيش ڪيون آهن، سي بلڪل الڳ ۽ حقيقت تي مشتمل آهن.


لفظ شازيه سڪندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو